ڀولي ناٿ شو شنڪر مندر

ڀولي ناٿ شو شنڪر مندر: هي مندر ماڙيپور ۾ ٻلهيجي (هاڪس بي) ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي روڊ سان آهي. هن مندر جي هاڻوڪي جاءِ 1884ع جي تعمير ڪيل آهي. مندر سادو صاف سٿرو آهي. جيڪو پاڪ مائيسري پنچائت جي حوالي آهي. انهيءَ مندر جي اتر پاسي فٽبال ميدان جي سامهون هڪ پراڻو مندر ”واڇرو مندر“ موجود آهي. هن جي ٿوري فاصلي تي راما پير مندر آهي. جيڪو 1955ع جو ٺهيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو